ڀارت جي رياست اڙيسا جي اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جي انگ 19 ٿي ويو

India-Hospital-fire-181016

ڀارت جي رياست اڙيسا جي  اسپتال ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جي انگ 19 ٿي ويو آهي،

ڀارتي رياسيت اڙيسا جي گادي واري شهر ڀونيشور ۾  هڪ خانگي اسپتال ۾ باهه جي واقعي جي هڪ اعليٰ حڪومتي عملدار تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته اڙيسا جي چيف سيڪريٽري آڌتي پرساد چيو ته امري ۽ ڪيپيٽل اسپتال ۾ 19 ماڻهن جا لاش پيل آهن،

Bhubaneswar-hospital-fire-india-181016

اسپتال جي عملي جو چوڻ آهي ته ڊائلاسز وارڊ ۾ باهه لڳي ان ڪري ڳڻتي جوڳي حالت ۾ داخل مريض فوت ٿيا آهن انهن جو تعداد وڌي به سگهي ٿو، جڏهن ته 120 کان وڌيڪ مريضن کي ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو ويو آهي.

اڙيسا جي وڏي وزير  اسپتال جو دورو ڪري جاچ جو حڪم ڏنو ۽ مريضن جي مفت علاج ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*