فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر نه پر جمهوري حڪومت ڪيو آهي وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر نه پر جمهوري حڪومت ڪيو آهي، نفرت ۽ فرقيواريت ڦهلايندڙن خلاف ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا، صدر ممنون حسين چيو آهي ته واپارين سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ امن امان ۽ توانائي بحران وڏي رڪاوٽ آهن توانائي بحران تي جلد ضابطو آندو ويندو.

ايوان صدر اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اقتصادي صورتحال سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

ملاقات کانپوءِ ايوان صدر ۾ واپارين جو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر ممنون حسين گڏيل طور ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ توانائي جي کوٽ جهڙي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هـُو چيلينج سمجهي حڪومت ۾ آيا آهن، ڏکيائن کان گهٻرائڻ بدران مسئلا حل ڪيا ويندا.

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ 20 نقاطي ايجنڊا تيار ڪيو آهي، 21 هين ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ به ترميم ڪئي وئي آهي، دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ فوري انصاف ضروري آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آپريشن ضرب عضب دهشتگردن جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي مفادن لاءِ فيصلا اڳ ئي ٿيڻ گهرجن ها.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايران کان گوادر تائين گيس پائيپ لائين وڇائي ويندي، جڏهن ته گوادر کان نوابشاهه تائين به گيس پائيپ لائين وڇائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف ايف بي آر چيئرمين کي واپاري برادري جا مسئلا فوري حل ڪرڻ، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي نوان بجلي گهر لڳائڻ ۾ موجود رڪاوٽون فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته واپارين سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ امن امان ۽ توانائي بحران وڏي رڪاوٽ آهن، حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي.

ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم پاران واپارين جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*