ملير ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 258 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ اڄ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن تي پ پ جي حڪيم بلوچ سميت 25 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، چونڊون 22 نومبر تي ٿينديون

Hakeem-Baloch-Malir-181016

ملير ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 258 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ  اڄ  نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري ڏينهن تي  پ پ جي حڪيم بلوچ سميت 25 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن، چونڊون 22 نومبر  تي ٿينديون.

نواز ليگ جي ايم اين اي حڪيم بلوچ پاران پارٽي جي رڪنيت ۽ ايم اين شپ تان استعفيٰ ڏئي پ پ ۾ شامل ٿيڻ واري اعلان کانپوءِ اها سيٽ خالي ٿي هئي.

اين اي 258 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ هئي، مقرر وقت ختم ٿيڻ تائين ڊسٽرڪٽ ملير جي اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ 25 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن.

پ پ پاران حڪيم بلوچ، راجا رزاق بلوچ، نعمان مراد بلوچ، نواز ليگ پاران شاهد اقبال آرائين ۽ سردار محمد خان فارم جمع ڪرايا آهن.

پي ٽي آءِ پاران مسرور سيال، نثار اعواڻ، ايم ڪيو ايم جي منظور جوکيو، آزاد اميدوار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ ٻين اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*