ڳڙهي خدابخش ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران شهيدن جي مزار تي حاضري

Bilwal-Bhutto-Hazri-181016

ڳڙهي خدابخش ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران شهيدن جي مزار تي حاضري لاءِ آمد وقت آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن ملاقات ڪري ڪاليج جي رجسٽريشن ۽ هڪ سال کان امتحان نه ڏئي سگهڻ سميت ٻيا مسئلا پيش ڪيا، بلاول وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته آصفه ڊينٽل ڪاليج جي رجسٽريشن ۽ هڪ سال کان شاگردن جا امتحان نه ٿيڻ وارو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو وڃي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدابخش پهچي شهيدن جي مزارن حاضري ڀري، ان کان اڳ بلاول 18 هين آڪٽوبر تي سڃاڻپ کان رهجي ويل شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي وڏو وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ ٻيا اڳواڻ به بلاول سان گڏ موجود هئا.

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن واري احاطي ۾ پهچڻ وقت بلاول ڀٽو زرداري سان، آصفه ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن ملاقات ڪري مسئلا پيش ڪيا.

آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن بلاول ڀٽو زرداري دانهيندي چيو ته، ڪاليج جي رجسٽريشن وارو مسئلو اڌ ۾ رڪيل آهي، جنهن ڪري هُو هڪ سال کان امتحان به نه ڏئي سگهيا آهن.

شاگردن بلاول کي ٻڌايو ته، سندن تعليم تباهه ٿي رهي آهي ۽ اوهان ذاتي مداختل ڪري مسئلو حل ڪرايو.

شاگردن جو مسئلو ٻڌڻ بعد بلاول ڀٽو زرداري اُتي موجود، وڏي وزير مراد علي شاهه کي هدايت ڪئي ته پي ايم ڊي سي سميت لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن جو مسئلو اوليتي بنيادن تي حل ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*