تحريڪ انصاف جي سربراهه چيني سفير آڏو سي پيڪ منصوبي ۾ ڪي پي ڪي کي نظرانداز ڪرڻ تي خدشن جو اظهار

Imran-Khan-Chain-181016

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيني سفير آڏو سي پيڪ منصوبي ۾ ڪي پي ڪي کي نظرانداز ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته، حڪومت پي ٽي آءِ جي ڌرڻي تي ناڪاري پروپئگنڊا هلائي رهي آهي، سي پيڪ منصوبي جي هو مڪمل طور حمايت ڪن ٿا، چيني سفير واضح ڪيو آهي ته سياسي طور مستحڪم پاڪستان ئي ترقي يافتا پاڪستان جي ضمانت آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان چيني سفير ملاقات ڪئي، جنهن دوران شاهه محمود قريشي، نعيم الحق ۽ شيرين مزاري به موجود هئا.

اجلاس دوران سي پيڪ منصوبي سميت پاڪ چائنا لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران عمران خان چيني سفير آڏو سي پيڪ منصوبي ۾ ڪي پي ڪي کي نظرانداز ڪرڻ تي خدشا ظاهر ڪرڻ سان گڏ پارٽي موقف کان آگاهه ڪيو.

عمران خان چيو ته، سي پيڪ منصوبي تي خيبرپختونخواه جي خدشن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، هو به پاڪستان ۾ جاري چيني منصوبن کي پورو ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته، اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جو ڌرڻو ڪرپشن خلاف ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جي احتساب لاءِ آهي، حڪمران پي ٽي آءِ جي ڌرڻي بابت ناڪاري پروپئگنڊا هلائي رهيا آهن.

هن چيو ته، تحريڪ انصاف جي ڌرڻي جو مقصد ملڪ جي ترقي آڏو رنڊڪ پيدا ڪرڻ نه آهي، سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي ۽ سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان حڪومت جي هو ڀرپور حمايت ڪن ٿا.

ان موقعي تي چيني سفير پي ٽي آءِ سربراهه کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته، سياسي طور مستحڪم پاڪستان ئي ترقي يافتا پاڪستان جي ضمانت آهي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*