ڪوئيٽا ۾ ڳجهن ادارن ڪارروائي ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪري ورتو

Quetta-191016

ڪوئيٽا ۾ ڳجهن ادارن ڪارروائي ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪري ورتو آهي، پشاور ۾ به پوليس هٿيار پنجاب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته گوجرانوالا ۾ بس مان ٽـِن ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار پڪڙيا  ويا.

سڪيورٽي ذريعن موجب ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ سرچ آپريشن دوران هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، پڪڙيل هٿيارن ۾ 3 مشين گن، 2 پسٽل ۽ آپگهاتي جيڪيٽس به شامل آهن.

ڪارروائي دوران موٽرسائيڪل ۾ لڳايل 2 ديسي بم ۽ لکين رپين جي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي.

پشاور جي علائقي متني ۾ ارباب ٽاپو چيڪ پوسٽ وٽ ناڪي تي بيٺل گاڏي جي تلاشي ورتي وئي، جنهن دوران گاڏي جي ڳجهي خاني ۾ لڪايل سئو جي لڳ ڀڳ بندوقون پڪڙيون ويون، جن ۾ 20 ڪلاشنڪوف ۽ 80 ٻارنهن بور جون بندوقون به شامل هيون.

پوليس پشاور کان پنجاب هٿيار اسمگل ڪندڙ عبدالله کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن گوجرانوالا جي جنرل بس اسٽينڊ تي پوليس پشاور مان ايندڙ بس تي ڇاپو هنيو ۽ تلاشي ورتي ته ڳجهن خانن مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا.

هٿيارن ۾ 41 رائيفل، 38 پسٽل ۽ هزارين گوليون شامل آهن، ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن نجيب الله، ڪليم ۽ هارون کي گرفتار ڪيو ويو، جن جو واسطو دره آدم خيل سان هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*