ڪراچي جي مختلف علائقن ۾پوليس ۽ رينجرز جي ڪاررواين دوران 12 مئي سانحي ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر ريحان چڪنا سميت 40 ڏوهارين کي گرفتار ڪري دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا

Rangers-Liyari-1-1

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾پوليس ۽ رينجرز جي ڪاررواين دوران 12 مئي سانحي ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر ريحان چڪنا سميت 40 ڏوهارين کي گرفتار ڪري دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

گلبهار واري علائقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري 12 مئي سانحي ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر ريحان چڪنا کي گرفتار ڪري ورتو.

لائينز ايريا ۾ پوليس ڏوهارين جي موجودگيءَ واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران مقابلو ٿي پيو.

پوليس موجب مقابلي دوران ٻـِــن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن  قبضي مان دستي بم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.

لياري جي کڏا مارڪيٽ ۾ پوليس ڪارروائي دوران ڪراچي ۾ دستي بم حملن ۾ ملوث گينگ وار وصي گروپ جي ٽارگيٽ ڪلر اسد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو.

فيڊرل بي ايريا ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 2 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو.

يوسف پلازا ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾پوليس سرچ آپريشن دوران 2 ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ پسٽل ۽ هڪ مائوذر هٿ ڪري ورتو.

پوليس موجب يوسف پلازا، موسيٰ ڪالوني  ۽ وحيد ڪالونيءَ  ۾ ڏوهارين جي موجودگيءَ واري اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو.

الفلاح ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا.

پوليس جو چوڻ آهي ته الفلاح مان گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان آهي.

شاهه فيصل ڪالوني ۾پوليس هاف فراءِ ڪري هڪ مبينا ڏوهاري کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو نه بيهڻ تي هنن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو.

رضويه سوسائٽي ۾ ڏوهارين جي موجودگيءَ واري اطلاع تي رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي مخصوص گهرن جي جهڙتي ورتي.

ملير  ۾ پڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي جا ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو.

رينجرز ترجمان موجب سالار ڳوٺ ۽ دائود بروهي ڳوٺ سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ گينگ وار جي ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو ويو.

پير آباد جي  علائقي قصبا ڪالوني ۽ ڪنواري ڪالوني ۾پوليس سرچ آپريشن دوران 30 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو ويو، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*