سنڌ هاءِ ڪورٽ مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري انجلي ڪماري کي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ، مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري انجلي ڪماري کي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ناري کي مڙس ۽ والدين سان ملاقات ڪرائڻ کانپوءِ ناري جو بيان ٻڌي مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ پسند پرڻو ڪندڙ ناري انجلي ڪماري کي مڙس رياض سيال حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناري انجلي ڪماري کي مڙس رياض سيال ۽ والدين سان مالقات ڪرائي وئي، جنهن بعد ناري جو بيان ٻڌڻ بعد کيس مڙس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ناري انجلي ڪماري عدالت کي ٻڌايو ته هو بالغ آهي ته پنهنجي زندگي جا فيصلا مرض موجب ڪري سگهي ٿي ۽ هو پنهنجي مڙس سان رهڻ چاهي ٿي.

عدالت ناري جو بيان ٻڌڻ بعد ناري انجلي ڪماري کي مڙس رياض سيال حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ياد رهي ته اٽڪل 3 مهيان اڳ ڏهرڪي ڀرسان ناري انجلي ڪماري مذهب تبديل ڪري سلمان بڻجي ۽ نوجوان رياض سيال سان پسند جو پرڻو ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*