حڪومت پنهنجي مرضي موجب جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ چاهي ٿي عمران خان

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر اسپيڪر اياز صادق کان استعيفيٰ جي گهر ڪري ڇڏي آهي، ڪپتان چيو آهي ته ڌانڌلي ثابت ٿي چڪي آهي، حڪومت جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو اعلان نه ڪيو ته 18 جنوري تي اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اين اي هڪ سئو 22 جي ٽن پولنگ اسٽيشن تي اين اي هڪ سئو 24 جا ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جڏهن ته فارم نمبر 14 ۽ 15 به غائب هئا ۽ اليڪشن ڪميشن پڻ 34 هزار ووٽن کي بوگس قرار ڏئي چڪي آهي.

هن چيو ته اين اي هڪ سئو 22 تي ڌانڌلي ثابت ٿي چڪي آهي، اسپيڪر اياز صادق جنهن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ان جي آئيني حيثيت ناهي، کيس فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته حڪومت، پنهنجي مرضي موجب، جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ چاهي ٿي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو، ڌانڌلين جي جاچ لاءِ خودمختيار ڪميشن قائم ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته حڪومت، جوڊيشل ڪميشن جي قيام جو اعلان نه ڪيو ته 18 جنوري تي ڌرڻا ڪنوينشن ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ٻاهران شهيدن جي وارثن جي احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته کيس شهيد ٻارڙن جي وارثن جي احتجاج جو احترام آهي.

عمران خان چيو ته هو شهيد ٻارڙن جي وارثن جي گهر به ويندو، کيس اڄوڪي احتجاج جو مقصد سمجهه ۾ نه آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*