تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سمورين سياسي جماعتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سمورين سياسي جماعتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ڪنهن به ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سموري طاقت سان مزاحمت ڪنداسين ۽ نقصان حڪومت جو ئي ٿيندو.

ملتان بار ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 2 نومبر تي اسلام آباد ۾ پاڪستان جي مستقبل جي جنگ آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ هو وڪيلن سان گڏ سمورين سياسي جماعتن کي شرڪت جي دعوت ڏئي ٿو.

هن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم ڪرپشن جي ذريعي ادارن کي تباهه ڪري رهيو آهي، جنهن جمهوري ملڪ ۾ ادارا ئي تباهه لڳا پيا هجن، ان جو ڪهڙو مستقبل هوندو.

عمران خان چيو ته سڄي پنجاب جا فنڊ لاهور تي خرچ ٿي رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ مايوسي آهي.

ان کان اڳ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان الزام هنيو ته وزيراعظم ڪرپٽ مافيا جو سردار آهي، جيڪڏهن وزيراعظم عهدي تي برقرار رهيو ته ملڪ قرضن ۾ ٻــُڏي ويندو.

پـِي ٽـِي آءِ سربراهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف گذريل ڏينهن واري تقرير ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن جو مذاق اڏايو، تقرير ۾ سمورن معاملن جو ذڪر ڪيو ويو پر پاناما ليڪس کي دٻايو ويو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جي ذريعي حڪومت ٺاهڻ نواز شريف جي خوشفهمي آهي، رستن جا ڦيتا ڪاٽڻ سان نواز شريف پاناما ليڪس کي دٻائي نه سگهندو، 2018 پري آهي، ان کان اڳ ئي  وزيراعظم کي پاناما ليڪس جو حساب ڏيڻو پوندو.

اليڪشن ڪميشن پاران 2 نومبر تي طلب ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جو ڌرڻو منجهند جو 2 وڳي آهي، ان کان اڳ ڏٺو ويندو ته ڇا ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن لاءِ اڳ ئي چيو ادارو آزاد نه آهي.

عمران خان چيو ته 2 نومبر تي اسلام آباد ۾ عوام جو سمنڊ گڏ ٿيندو، وزيراعظم نواز شريف چوري ناهي ڪئي ته پوءِ تلاشي کان ڇو دڄي رهيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*