پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف منهنجا چار مطالبا نه مڃيا ته هــُو به “گو نواز گو”

lrk bilawal

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف منهنجا چار مطالبا نه مڃيا ته هــُو به “گو نواز گو” جو نعرو هڻندو ۽ وزيراعظم ڏسندو ته جڏهن ڀٽو “گو نواز گو” چوي ٿو ته ڪيترو اثر پوي ٿو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هــُن ڪڏهن به يوٽرن نه ورتو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن يوٽرن وٺندو، نواز شريف رڳو پنجاب نه پاڪستان جو وزيراعظم آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي پنجاب منتقلي سان نه رڳو جمهوريت پر پاڪستان کي به نقصان پهچندو.

نئين ديري هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ وڏي دهشتگردي ٿي آهي، هفتي هر هفتي نائن زيرو ڏٺو ۽ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار پيپلز پارٽي ٿي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي ٿي آهي، هتان جي عوام هر هفتي نائن اليون ڏٺو آهي،

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پرويز مشرف شهيد بينظير کي چيو ته اوهان لاشن تي سياست ڪريو ٿا پر هــُو 6 مهينن تائين لاش وصول ڪرڻ لاءِ وڙهندي رهي، پيپلز پارٽي دهشتگردي خلاف آهي ۽ جمهوريت کي بچائيندي.

پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم نواز شريف آڏو پنهنجا چار مطالبا رکي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن 27 ڊسمبر تائين نه مڃيا ويا ته پوءِ هــُو به “گو نواز گو” جو نعرو هڻندو ۽ پوءِ وزيراعظم ڏسندو ته جڏهن ڀٽو “گو نواز گو” چوي ٿو ته ڪيترو اثر پوي ٿو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته “گو نواز گو” پيپلز پارٽي جو نعرو نه آهي، هي سياسي نعرو آهي، وزيراعظم کي غدار نه سڏيو آهي ۽ هــُن مودي جي يارن کي ڌڪو ڏيڻ جو نعرو هنيو، هــُو ۽ پيپلز پارٽي يوٽرن نه وٺندا، ڇوته هيءَ يوٽرن پارٽي نه آهي.

هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف رڳو پنجاب جو نه پر سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي، خبر ناهي ته اسٽيٽ بئنڪ کي ڇو پنجاب منتقل ڪيو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسٽيٽ بئنڪ کي پنجاب منتقل ڪيو ويو ته ڪراچي واسين جو وڏو نقصان ٿيندو، پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪندي.

پ پ چيئرمين چيو ته پ پ سنڌ جي صدارت لاءِ ٽن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙو ۽ مولابخش چانڊيو کان سڀاڻي انٽرويو ورتا ويندا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارساز سانحي کانپوءِ 9 سالن جي عرصي بعد ٻيهر ڪراچي جي عوام شاندار ريلي ڪڍي کيس خوش ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*