قمبر ضلعي ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل 196 اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويا، ايس ايس پي قمبر جو چوڻ آهي

kamber police order

قمبر ضلعي ۾ پوليس  ۾ ڀرتي ٿيل 196 اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويا، ايس ايس پي قمبر جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪري ڪابل نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

 قمبر ضلعي ۾پوليس ۾ ڀرتي ليڊي ڪانسٽيپل سميت 196 اميدوارن کي ايس ايس پي قمبر ساجد امير ۽ پ پ ايم پي اي غلام مجتبا اسراڻ پاران آرڊر ڏنا ويا.

تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايس پي قمبر ساجد امير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ميرٽ جي بيناد تي فوج جي نگراني هيٺ انٽريو وٺي جوانن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اميد آهي ته سنڌ پوليس ۾ نوان ڀرتي ٿيل اهلڪار عوام جي ڀرپور خدمت ڪندي ڏواهارين جي خاتمي سان گڏ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*