پني عاقل ۾ پوليس اهلڪار ٿاڻي جي وڏي منشي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي

pano akil

پني عاقل ۾ پوليس اهلڪار ٿاڻي جي وڏي منشي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

اهلڪار شاهد خالدي پنو عاقل ٿاڻي جي وڏي منشي جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن چيو ته ٿاڻي جو وڏو منشي رشوت نه ڏيڻ تي کيس بدلي ڪرائي رهيو آهي، جيڪا نا انصافي آهي.

هن چيو ته رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي اڳ به ڪيترائي ڀيرا کيس بدلي ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مجبور ٿي هو احتجاج ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته وڏي منشي جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*