ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا جواز فائرنگ ڪئي آهي، پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي بندوقن کي خاموش ڪري ڇڏيو

LOC

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ايل او سي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي بنا جواز فائرنگ ڪئي آهي، پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي بندوقن کي خاموش ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڀارت فوج هڪ ڀيرو ٻيهر لائين آف ڪنٽرول تي فائربندي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

بيان موجب، گذريل رات چار وڳي ڀارتي فوج ڪوڪرالا سيڪٽر ۾ ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، پر پاڪ فوج فائرنگ ڪري ڀرپور جواب ڏنو.

بيان ۾ ٻڌايو ويو ته، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ ڀارتي بندوقون خاموش ٿي ويون، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ جاني نقصان جي ڪي به اطلاع نه مليا آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*