گڊو ويجهو پنجاب لڏو کڻي ويندڙن جي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ناري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائندڙن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو

Road-Accident-201016

گڊو ويجهو پنجاب لڏو کڻي ويندڙن جي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ناري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائندڙن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو ۽ چئن زخمين جو گڊو جي نجي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

ڳوٺ نٿو خان مان پنجاب لڏو کڻي ويندڙن جي ٽريڪٽر ٽرالي ڪراس بند وٽ ڪلٽي ٿيڻ بعد هڪ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ ان جي چئن ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن پاران فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي وڌيڪ هڪ ناري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو.

فوتين ۾ ٻارڙو غلام حيدر،  ٻارڙي شاهينا، نوجوان اسماعيل، ناري ضميران، مسمات هير، لال خاتون ۽ نوجوان غلام ياسين شامل آهن، جن لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي چئن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*