اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي فيلڊ مارشل مقرر ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ISB-high-Court-181016

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي فيلڊ مارشل مقرر ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدنان نالي شهري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جون ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون آهن، ان کي نظر ۾ رکندي کيس فيلڊ مارشل بڻايو وڃي.

عدالت جي پڇاڻي تي درخواستگذار  ٻڌايو هو ته آئين ۾ فيلڊ مارشل گنجائش ناهي پر جنرل ايوب جو مثال موجود آهي.

هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*