سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 شڪارپور تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري

Shikarpur-Election-2---201016
سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 شڪارپور تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، جنهن لاءِ ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي وئي آهي، پ پ جي امتياز ۽ جي يو آءِ جي اميدوار ناصر سومرو  سميت 5 اميدوار ميدان تي لٿل آهن.

 پي ايس 11 تي ننڍي جونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، 105 پولنگ اسٽيشنز مان 29 پولنگس کي انتهائي حساس ۽ 76  کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

Shikarpur-Election1

ضلعي ۾ 366 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، جن مان 191 مردن ۽ عورت ووٽرز لاءِ 175 پولنگ بوٿ آهن، جتي هڪ لک 35 هزار 430 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

چونڊ دوران پولنگس اسٽيشنز جي اندر ٻاهر رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، هر هڪ پولنگ تي 10 پوليس اهلڪار ۽ 10 رينجرز جا اهلڪار مقرر آهن.

Shikarpur-Election-3---201016

پي ايس 11 تي پيپلز پارٽي جي امتياز احمد شيخ، جي يو آءِ جي مولانا ناصر محمود سومري ۽ پي ٽي آءِ جَي اعظم بروهي سميت 5 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*