ڪراچي جي لياري ۽ ميٺا در وارن علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو
ڪراچي جي لياري ۽ ميٺا در وارن علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، شهر جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس ڪارروايون ڪري 50 کان وڌيڪ شڪي ماڻحن کي حراست ۾ ورتو.
پوليس موجب لياري جي ميٺا در واري علائقي ۾ هٿياربندن شهرين کان ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪئي،جنهن جي نتيجي ۾ 3 شهري مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.
ٻئي طرف شهر جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڌار ڌار ڪاررواين 50 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي…