دنيا جي تيز ترين انسان جميڪا سان تعلق رکندڙ سو ميٽر ۽ ٻه سو ميٽر ڊوڙ جي عالمي چيمپيئن يوسين بولٽ جي زندگي تي ٺاهيل فلم جو ٽريلر جاري

I-Am-Bolt-201016

دنيا جي تيز ترين انسان جميڪا سان تعلق رکندڙ سو ميٽر ۽ ٻه سو ميٽر ڊوڙ جي عالمي چيمپيئن يوسين بولٽ جي زندگي تي ٺاهيل فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

ايٿليٽڪس جي ميدان جي هڪ سو ۽ ٻه سو ميٽر ڊوڙ جي ايونٽ ۾ گذريل ٽن اولمپڪس گيمز ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ يوسين بولٽ جي زندگي تي ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي وئي آهي،جنهن ۾يوسين بولٽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن.

يوسين بولٽ جي زندگي مٿان ٺاهيل فلم ۾ اسٽار اسپرنٽر جي ٻالڪ پڻ کان وٺي جواني تائين جي اهم واقعن کي نمايا ڪيو ويو آهي.

برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ منعقد ٿيل اولمپڪس گيمز ۾ يوسين بولٽ ٽي گولڊ ميڊل حاصل ڪيا هئا.

يوسين بولٽ جي زندگي مٿان ٺاهيل فلم جو نالو آءِ ايم بولٽ آهي،جيڪا نومبر مهيني جي آخر ۾ رليز ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*