نيوزيلينڊ جي ٽيم جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ چيو آهي ته پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست باوجود هو گهڻُو پراميد آهي ته ٽيم سيريز جي ٻين ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي

Trent-Boult-Newzeland-cici-201016

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ چيو آهي ته پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست باوجود هو گهڻُو پراميد آهي ته ٽيم سيريز جي ٻين ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي،جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي ڪوچ انيل ڪمبلي چيو آهي ته ٽيم ڪيوي ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست ڏيندي.

نيوزلينڊ جي ٽيم ڀارتي خلاف جاري پنج ون ڊي ميچز  تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ چيو ته پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست باوجود هو ايندڙ ميچز ۾ فتح لاءِ گهڻو پراميد آهي.

هن چيو ته ٽيم جو ڪپتان ڪين وليمسن بهترين صلاحيتن جو مالڪ ڪرڪيٽر آهي ۽ هو ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي ڪوچ انيل ڪمبلي چيو ته ٽيسٽ سيريز ۾ مخالف ٽيم کي وائيٽ واش شڪست ڏيڻ بعد هاڻي سندن نظرون ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*