پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيوآهي ته هو گهڻُو پراميد آهي ته ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف رهيل ٻن ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ٽيم جو اصل امتحان آسٽريليا ۽نيوزيلينڊ جو دورو هوندو

Pakistan-Team-Coach-2016-2916

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيوآهي ته هو گهڻُو پراميد آهي ته ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف رهيل ٻن ٽيسٽ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ٽيم جو اصل امتحان آسٽريليا ۽نيوزيلينڊ جو دورو هوندو.

دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊڪوچ چيو ته هو ويسٽ انڊيز خلاف جاري سيريز ۾ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي مان مطئمن آهي.

هن چيو ته انگلينڊ جي دوري ۾ ٽيم ون ڊي سيريز ۾ شڪست کاڌي پر دوري ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته ياسر شاهه بهترين بالر آهي ۽ هو مستقبل ۾ پاڪستان جو چيمپيئن بالر ٿيندو.

واضح رهي ته پاڪستان ويسٽ انڊيز کي پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾ ڊيرن براوو جي شاندار بيٽنگ ۽بشو جي بهترين بالنگ باوجود 56رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*