ميهڙ مان 4 سال اڳ اغوا ڪيل نينگر ڪاشف ۽ اشفاق پنهور جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

meher

ميهڙ مان 4 سال اڳ اغوا ڪيل نينگر ڪاشف  ۽ اشفاق پنهور جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين ريلي  ڪڍري شهر  جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 4 سال اڳ نينگر ڪاشف ۽ اشفاق پنهور کي اغوا ڪيو ويو پر پوليس اڃان تائين هٿ تي هٿ رکي ويٺي آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود اعليٰ اختيارين توڙي  چونڊيل نمائيند معاملي جو تحرڪ نه ورتو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته نينگر ڪاشف ۽اشفاق پنهور کي فوري طور بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*