جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به ادارو قانون ۽ آئين جي فيڊريشن مطابق نه پيو هلايو وڃي

nawabshah

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به ادارو قانون ۽ آئين جي فيڊريشن مطابق نه پيو هلايو وڃي، سنڌ جو سمورو ناڻو ۽ وسيلا پنجاب منتقل ڪيا ويا آهن.

نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رياض چانڊيي جو چوڻ هو ته سنڌ جي اندر قومپرست ڪارڪنن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن جي خلاف جيئي سنڌ محاذ 23 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندي.

 هن چيو ته سنڌ اندر هاف فرائي ۽ ڦل فرائي جو رواج پئجي ويو آهي، جنهن ۾ بيگناهه ماڻهن کي معذور ڪيو پيو وڃي.

 هن چيو ته سنڌ ۾ پر امن قومپرستن تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جيڪا سنڌي هي گهڻ گهرين خلاف گهري سازش آهي، ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو ته  سخت احتجاج ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*