سکر ۾ چونڊڪي جي چانگ برادري جي ماڻهن پاران ايس ايڇ او جي مبينا زيادتين خلاف اٺين ڏينهن به احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

suk

سکر ۾ چونڊڪي جي چانگ برادري جي ماڻهن پاران ايس ايڇ او جي مبينا زيادتين خلاف اٺين ڏينهن  به احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

 ڳوٺاڻن علي گوهر چانگ، محمد امين  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ايس ايڇ او مقصود نظاماڻي سندن 300 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ڪري هن عمرڪوٽ،  خيرپور ۽ ٻين هنڌن تي ڪوڙا  ڪيس داخل ڪرايا آهن.

هنن چيو ته ايس ايڇ او جي نا انصافين بابت پوليس جي اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو، پر ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري مٿن داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*