نائين زيرو ويجهو جناح گرائونڊ ۾ يادگار شهداءُ تي حاضري لاءِ ايندڙ ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي رينجرز ۽ پوليس ڪجهه وقت روڪڻ بعد اندر وڃڻ جي اجازت ڏني

London-MQM-201016

نائين زيرو ويجهو  جناح گرائونڊ ۾ يادگار شهداءُ تي حاضري لاءِ ايندڙ ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي رينجرز ۽ پوليس ڪجهه وقت روڪڻ بعد اندر وڃڻ جي اجازت ڏني.

رينجرز پاران نائين زيرو سيل ڪرڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ايم ڪيو ايم لنڊن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن جناح گرائونڊ ۾ يادگار شهداءُ تي حاضري ڀرڻ لاءِ گڏ ٿيا، جن کي رينجرز ۽ پوليس اندر وڃڻ کان روڪيو.

ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ ساٿي اسحاق ۽ رينجرز عملدارن ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد عورتن ۽ بزرگ ڪارڪنن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

ڪجهه دير بعد سمورا ڪارڪن يادگار شهداءَ تي حاضري ڀرڻ بعد روانا ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*