پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير نثار کهڙي کي پ پ سنڌ جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو

Bilawal-201016

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير نثار کهڙي کي پ پ سنڌ جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نثار کهڙي هميشه پارٽي جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو آهي، مون هن جو سرگرم سياسي دور ڏٺو آهي، نثار کهڙي چيو آهي ته پارٽي پاران ڏنل ذميواري نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس.

بلاول ڀٽو زرداري پ پ سنڌ جي صدر جي مقرري لاءِ اڄ بلاول هائوس ۾ نثار کهڙي، سيد قائم علي شاهه ۽ مولابخش چانڊيو سان ملاقات ڪرڻ بعد نثار کهڙي کي پارٽي جو صدر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

اهڙي فيصلي بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙي، مولابخش چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن بلاول هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي جي نالي جو باضابطه طور اعلان ڪيو.

نثار کهڙي چيو ته پارٽي جيڪا ذميواري ڏني آهي، ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ٻين عهديدارن جي نالن جو به جلد اعلان ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو هو، ان وقت نثار کهڙو پ پ سنڌ جو صدر، هن ان جو سرگرم سياسي دور ڏٺو آهي.

مولابخش چانڊيو چيو ته پ پ چيئرمين نثار کهڙي کي پارٽي جو صوبائي صدر مقرر ڪيو آهي، هو سينيئر اڳواڻ آهي، جنهن تي اسان اعتماد ڪريون ٿا.

مولابخش چانڊيو چيو ته پ پ جمهوري پارٽي آهي، جنهن ۾ وڏي بحث بعد نثار کهڙي کي صوبائي صدر چونڊيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*