پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفي ڪمال 12 مئي ۽ نشتر پارڪ سانحي جي نئين سر جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي

mustufa kamal

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفي ڪمال  12 مئي ۽ نشتر پارڪ سانحي جي نئين سر جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سانحي جي ذميوارن کي چوڪن تي لٽڪائڻ جي ڳالهه ڪندڙ رشوت العباد پاڻ سانحي جو ذميوار آهي، مصطفيٰ ڪمال چيو مٿس لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، بلديه سانحي جي نئين سر جاچ ٿي ته ذميوار عشرت العباد ئي نڪرندو.

ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالهه گورنر جيڪي مطالبا ڪري رهيو هو، ان مان لڳي رهيو ته ڪو يونين اڳواڻ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن عشرت العباد کي سزا نه ڏني وئي ته ملڪ کي نقصان پهچندو.

مصطفي ڪمال چيو ته ڪالهه گورنر وزير اعظم ۽ آرمي چيف جا نالا ورتا کيس انهن نالن جي پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين.

مصطفيٰ ڪمال، گورنر عشرت العباد کي گرفتار ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو  مطالبو ڪندي چيو ته عشرت العباد ۽ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وسي مسعود حميد اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، مسعد حميد جي گهر واري کي پي ايڇ ڊي ڪرائي پئي وڃي، ته جيئن ان کي ڊائو يونيورسٽي جو ايندڙ وي سي مقرر ڪيو وڃي.

هن چيو ته  گورنر عشرت العباد تي قتل سميت 30 ڪيس داخل ٿيل آهن، هو گورنر ٿيڻ بعد 5 سالن تائين هر مهيني برطانيا کان پئسا وٺندو رهيو، برطانوي ميڊيا موجب عشرت العباد برطانيا کان هڪ هزار پائونڊ وٺي رهيو آهي.

پي ايس پي سربراهه ،عشرت العباد جي ملڪيتن جا تفصيل حاصل ڪري انڪوائري ڪرائڻ جو  مطالبو ڪندي چيو ته  وسيم اختر چئي رهيو آهي ته 12 مئي بابت سمورا اجلاس گورنر هائوس ۾ ٿيا هئا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم باني پهريون ناسور ۽ عشرت العباد ٻيو ناسور آهي، تڪراري گورنر 14 سالن کانپوءِ زبان کولي آهي.

مصطفيٰ ڪمال بلديا سانحي جي نئين سر جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته هو گارنٽي سان چوي ٿو ته جيڪڏهن واقعي جي جاچ ٿي ته ان جا پيرا گورنر هائوس تائين ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*