تحريڪ انصاف ، سنڌ جي گورنر عشرت العباد جي استعيفي ۽ هڪٻئي تي الزام هڻندڙ ايم ڪيو ايم سان واڳيل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

vlcsnap-error452

تحريڪ انصاف ، سنڌ جي گورنر عشرت العباد جي استعيفي ۽  هڪٻئي تي الزام هڻندڙ ايم ڪيو ايم سان واڳيل  ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته الزامن جي جاچ ڪرائڻ لاءِ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي رهيا آهن.

ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گورنر عشرت العباد تي سنگين الزام لڳاآهن،کيس فوري طور استعيفي ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ رت جي راند جي حساب جو وقت اچي ويو آهي، هڪٻئي تي الزام هڻندڙ  ايم ڪيو سان واڳيل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن.

ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايم ڪيو ايم جي گذريل ڪارڪردگي بابت اهم انڪشاف ٿيا آهن، سڀ سچ سامهون اچي رهيو آهي ۽ 12 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪراچي کي ٿرپارڪر ۽ ٿرپارڪر کي موهن جو دڙو بڻايو ويو آهي، وڏو وزير مراد علي شاهه رڳو دورا نه پر ڪجهه ڪم به ڪري ڏيکاري.

پي ٽي آءِ جي فردوس نقوي چيو ته اسلام آباد ويندڙ ڪراچي جي قافلن کي روڪيو ويو ته ڪراچي شهر ۽ ڪراچي پورٽ بند ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*