پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڏکڻ وزيرستان جي دوري دوران ڪيڊٽ ڪاليج جو افتتاح

Raheel-Sharif-201016

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڏکڻ وزيرستان جي دوري دوران ڪيڊٽ ڪاليج جو افتتاح ڪرڻ بعد چيو آهي ته ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ضرورت آهي، ڪيترائي ملڪ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي تجربي مان سکڻ چاهين ٿا.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڏکڻ وزيرستان جي اسپين ڪئـِي واري علائقي جو دورو ڪيو، جنهن دوران پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪيڊٽ ڪاليج جو افتتاح ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، افتتاحي تقريب کي خطاب دوران آرمي چيف چيو ته، تعليم يافتا ۽ پُرعزم نوجوان ئي ملڪ جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهن ٿا.

CvNd4GoWEAAiCyL

هن چيو ته، ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ انهي ڪري نوجوانن جو صلاحيتن سان ڀرپور هجڻ اڻٽر آهي.

آرمي چيف وڌيڪ چيو ته، سموري دنيا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪري ٿي ۽ ڪيترائي ملڪ دهشٽگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي تجربي مان سکڻ چاهين ٿا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*