گورنر عشرت العباد ۽ مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي ڏسي رهيا آهيون،سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-201016

سنڌ جي وڏي وزير  مراد علي شاهه  چيو آهي ته گورنر عشرت العباد ۽ مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي ڏسي رهيا آهيون، بلديا سانحي سميت سمورن معاملن جي جاچ جاري آهي.

ڪراچي ۾ تعليم بابت سيمينار کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاق پاران ترقياتي فنڊز  ۾ ڪٽوٽي ڪرڻ  تي وزير اعظم کي خط لکيو آهي ۽ وزير اعظم سان ملاقات ۾ به اهو معاملو اٿاريندس.

وڏي وزير چيو ته چئني صوبن کي برابري جي بنياد تي فنڊز ملڻ گهرجن.

سيد مراد علي شاهه چيو ته  ڪراچي  انٽر نيشنل شهر آهي، جنهن جي ترقي لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون ۽ اڄ ملير جي ترقياتي منصوبن بابت گڏجاڻي به ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*