پشاور ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Peshawar-Map-171016

پشاور ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سي ٽي ڊي موجب گرفتار دهشتگرد وسيم گذريل سال مقابلي دوران ڀڄي ويو هو ۽ سندس ساٿي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو هو، ڦندو ۾ به سرچ آپريشن دوران افغانين سوڌو 30 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا.

پشاور ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي ٽي ڊي موجب گرفتار جوابدار وسيم گذريل سال مقابلي دوران فرار ٿي ويو هو ۽ سندس ساٿي پاڻ کي ڌماڪي سان ڏائي ڇڏيو هو، جڏهن ته ڌماڪي ۾ هڪ ڪانسٽيبل زخمي ٿيو هو.

شهر جي ڦندو واري علائقي ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو.

پوليس موجب سرچ آپريشن دوران افغانين سميت 30 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*