نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته ڀارتي ٽيم خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ بالرز اهم ڪردار ادا ڪيو

KS-Williamson-Newzeland-211016

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو آهي ته ڀارتي ٽيم خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ بالرز اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن مهيندر سنگهه ڌوني جو چوڻ آهي ته بيٽسمين جلدي ڪئي، جنهن سبب ٽيم کي شڪست ملي.

ڀارتي شهر نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو ته وڪيٽ سلو ۽ لو بائونس هئي،جنهن تي بيٽنگ ڪرڻ مشڪل هئي.

هن وڌيڪ چيو ته سيريز کي برابر ڪرڻ بعد هو گهڻُو پراميد آهي ته رهيل ٽن ون ڊي ميچز ۾ به فتح حاصل ڪنداسين.

ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني چيوته ٽيم جي اهم بيٽسمين جلدي آئوٽ ٿيا،جنهن سبب ٽارگِيٽ حاصل ڪرڻ ۾ناڪامي ٿي ۽ايندڙ ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن بيٽسمينن کي پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*