سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ ليبر فليٽس ٻوڏ متاثرن کان فوري طور خالي ڪرائڻ جو حڪم

cm

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ ليبر فليٽس ٻوڏ متاثرن کان فوري طور خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ليبر کاتي جي ڪارڪردگي ۽ پورهيتن جي رجسٽريشن جو جائزو ورتو ويو.

وڏي وزير چيو ته پورهيتن جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ ليبر رجسٽريشن کي ڊيٽا بيس ذريعي يقيني بڻائي وڃي.

اجلاس دوران پورهيتن جي معاملن بابت صلاحڪار سعيد غني وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ته ورڪرز ويلفيئر فنڊ مان گلشن معمار ۾ تعمير ڪرايل فليٽس تي ٻوڏ متاثر ترسيل آهن، جنهن سبب پورهيتن کي گهر نه ملي سگهيا آهن.

وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي پورهيتن جا فليٽس فوري طور خالي ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*