پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريزجي ٻين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڪپتان ڪين وليمسن جي شاندار سنچري سبب ميزبان ڀارت کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 6رنز تان شڪست ڏئي سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتو

Newzeland-vs-India-ODi-211016

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريزجي ٻين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڪپتان ڪين وليمسن جي شاندار سنچري سبب ميزبان ڀارت کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 6رنز تان شڪست ڏئي سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتو آهي.

ڀارتي شهر نيئن دهلي ۾ کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ ڪپتان ڪين وليمسن جي شاندار 118رنز جي اننگ سبب 9 وڪيٽن جي نقصان تي 242رنز اسڪور ڪيو.

ٽام لاٿم 46،جڏهن ته روز ٽيلر ۽سي جي اينڊرسن 21-21رنز جي اننگ کيڏي.

ڀارتي ٽيم پاران اميت مشره ۽بمراه3-3، جڏهن ته ياديوِ،پاٽيل ۽جاڌيوِ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڀارتي ٽِيم ڪيوي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 243 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ پوري ٽيم 49 ڏهائي 3 اوورس ۾ صرف 236رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ جاڌيوِ 41،مهيندر سنگهه ڌوني 39،پانڊي 36۽ اجنيڪا رهاني 28رنز جي اننگ کيڏي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ٽم سائوٿي 3،مارٽن گپٽل ۽بولٽ ٻه-ٻه، جڏهن ته سانٽنر۽هنيري هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڪين وليمسن کي بهترين بيٽنگ جو  مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*