اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما تي

shafqat-chema

اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما تي فرد جرم لاءِ 4 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. نيب جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيڻ تي جوابدار مٿان اڄ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پرڏيهي کاتي جي ڊائريڪٽر شفقت چيما خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار کي پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران نيب جو جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي جوابدار خلاف اڄ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

عدالت جوابدار شفقت چيما مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 4 نومبر جي تاريخ مقرر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*