ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ ملائيشيا هڪ طرفي مقابلي بعد قومي هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

Hockey-211016

ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي ميچ ۾ ملائيشيا هڪ طرفي مقابلي بعد قومي هاڪي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.

ملائِيشيا جي شهر ڪوانٽان ۾ جاري چوٿين ايشين هاڪي ٽرافي جي سلسلي ۾ پهرين ميچ پاڪستان ۽ ميزبان ملائيشيا جي ٽيمن وچ ۾کيڏي وئي.

ميچ جي شروع وارن ٻن ڪوارٽرز ۾ پاڪستان کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن جي برتري حاصل ڪئي.

پاڪستان پاران ٻئي گول عليم بلال 18هين ۽34هين منٽ ۾ اسڪور ڪيا، پر ملائيشيا ميچ جي ٽين ڪوارٽر ۾ مقابلو ٻن-ٻن گولن سان برابر ڪيو،جنهن بعد ٽيون گول اسڪور ڪري ميچ ۾ ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن جي برتري ماڻي ورتي.

ميچ جي چوٿين ۽آخري ڪوارٽر ۾ ملائيشِيا هڪ وڌيڪ گول اسڪور ڪري قومي هاڪي ٽيم کي ٻن جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم اڄ پنهنجي ٻي ميچ ڪوريا جي ٽيم خلاف کيڏندو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*