پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ باوجود کين آسان حريف نٿا سمجهو

Mickey-Arthur-pakistam-211016

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏيڻ باوجود کين آسان حريف نٿا سمجهو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سيريز جي ٻين ٽيسٽ ميچ کان پهرين گذريل ڏينهن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر جو چوڻ هوته ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾ شڪست بعد ڀرپور انداز سان ٻي ٽِيسٽ ۾ ڪاميابي لاءِ ڪوششون ڪندي.

هن چيو ته ٽيم جي هر رانديگر کي اهو واضح ڪيو آهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ وساري ٻئين ٽيسٽ ۾ اڃان وڌيڪ بهتر انداز سان ٽنهي شعبن ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪن.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو وڌيڪ چوڻ ته کيس پوري اميد آهي ته ٽي-ٽوئنٽي ۽ون ڊي سيريز ۾ شاندار ڪاميابي بعد ٽيسٽ سيريز ۾به ٽيم مخالف ٽيم کي وائيٽ واش شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*