گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ايلچي مليحا لوڌي جي نئين سيڪريٽري جنرل اَنتونِيو گوترش سان ملاقات

maleeha-lodhi-211016

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ايلچي مليحا لوڌي جي نئين سيڪريٽري جنرل اَنتونِيو گوترش سان ملاقات  ڪري وزيراعظم جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ جنوري ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، نئين سيڪريٽري جنرل دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ايلچي مليحه لوڌي نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري جنرل اَنتونِيو گوترش سان ملاقات  ڪري وزيراعظم نواز شريف جو پيغام پهچايو.

مليحه لوڌي اَنتونِيو گوترش جي سيڪريٽري جنرل طور مقرري جي آجيان ڪئي ۽ وزيراعظم نواز شريف جو مبارڪباد وارو پيغام به پهچايو.

مليحه لوڌي نئين سيڪريٽري جنرل کي جنوري 2017ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي اچڻ جي دعوت به ڏني.

ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري جنرل دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*