ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي بابت جوڙيل ڪميشن جي هدايتن تي پنجاب مان ٻه رڪني فارنزڪ ٽيم بلوچستان جي راٺڄڌاني پهچي وئي

Quetta-Blast-9816

ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي بابت جوڙيل ڪميشن جي هدايتن تي پنجاب مان ٻه رڪني فارنزڪ ٽيم بلوچستان جي راٺڄڌاني پهچي وئي، فارنزڪ ٽيم سانحي جي جاچ لاءِ بلوچستان پوليس سان سهڪار ڪندي.

سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي جي جاچ لاءِ پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي جي ٻه رڪني ٽيم بلوچستان جي راڄڌاني پهچي وئي آهي.

ڪوئيٽا سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل ٻه رڪني ڪميشن جي سربراهه قاضي فائز عيسيٰ فارنزڪ ٽيم کي بلوچستان پوليس جي مدد جي هدايت ڪئي هئي.

پنجاب ويل فارنزڪ ٽيم ڪوئيٽا سانحي جي جاچ ۾ بلوچستان پوليس سان سهڪار ڪندي.

خيبر پختونخواه کان بم ڊسپوزل يونٽ جو سربراهه شفقت ملڪ به اڄ ڪوئيٽا پهچندو، جيڪو بم ناڪاره بڻائڻ بابت سهڪار ۽ رهنمائي ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*