حيدرآباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر متحده قائد جي حق ۾ وال چاڪنگ شروع ڪئي وئي آهي

hyd chalking

حيدرآباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر متحده قائد جي حق ۾ وال چاڪنگ شروع ڪئي وئي آهي، پر پوليس وال چاڪنگ ڪندڙن جو اڃا تائين پتو نه لڳائي سگهي آهي.

شهر جي لطيف آباد، تلڪ چاڙهي، نسيم نگر، گاڏي کاتو، نئين پل ۽ ٻين هنڌن تي متحده قائد جي حق ۾ وال چاڪنگ ڪئي وئي آهي.

نامعلوم ماڻهن پاران مختلف هنڌن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف به وال چاڪنگ ڪئي وئي آهي.

حيدرآباد شهر ۾ 2 ڀيرا اڳ متحده قائد جي حق ۾ وال چاڪنگ ڪئي وئي، جيڪا پوليس پاران ڊانٿي وئي، پر  پوليس اڃا تائين وال چاڪنگ ڪندڙن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*