سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف خلاف پاناماليڪس بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ پهرين نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف خلاف پاناماليڪس بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ پهرين نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي، گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪيا هئا.

سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت وزيراعظم ۽ ٻين خلاف تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ ۽ وطن پارٽي جي بئريسٽر ظفر الله سميت 5 درخواستن تي ٻڌڻيءَ لاءِ پهرين نومبر مقرر ڪري ڇڏي آهي.

گذريل ڏينهن عدالت وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

ٻڌڻيءَ دوران وطن پارٽي جي بئريسٽر ظفر الله پاناماليڪس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ کان روڪي معاملو پارليامينٽ ڏانهن موڪلڻ جي استدعا ڪئي هئي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس جا ريمارڪس هئا ته عدالت ڪنهن به سياسي معاملي ۾ نه پوندي، ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن بابت فيصلو ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*