ڪراچي جي لياقت آباد نادرا سينٽر تي ايف سي اهلڪار پاران عورت رپورٽر کي چماٽ هڻڻ واري واقعي بعد متاثر صحافڻ ۽ نادرا عملي پاران گلبهار ٿاڻي تي ڌار ڌار ڪيس داخل

k21-Reporter-case-211016

ڪراچي جي لياقت آباد نادرا سينٽر تي ايف سي اهلڪار پاران عورت رپورٽر کي چماٽ هڻڻ واري واقعي بعد متاثر صحافڻ ۽ نادرا عملي پاران گلبهار ٿاڻي تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي تفصيل طلب ڪيا آهن.

لياقت آباد نادرا سينٽر تي ڪوريج لاءِ پهتل عورت رپورٽر صائمه ڪنول ۽ ڊيوٽي تي موجود اهلڪار وچ ۾ منهن ماري ٿي، جنهن دوران ايف سي اهلڪار حسن عباس صحافڻ کي چماٽ وهائي ڪڍي.

ان موقعي تي عورت رپورٽر ۽ ايف سي اهلڪار وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي.

اهڙي واقعي بعد عورت رپورٽر گلبهار ٿاڻي تي ايف سي اهلڪار حسن عباس ۽ نادرا سينٽر جي انچارج خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جڏهن ته واقعي بعد ايف سي جو برگيڊيئر ۽ نادرا جا عملدار به ساڳي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا.

نادرا عملي به عورت رپورٽر صائمه ڪنول خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ايف سي اهلڪار جي وردي ڦاڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي تفصيل طلب ڪيا آهن.

ايف سي اهلڪار پاران عورت رپورٽر کي چماٽ هڻڻ واري واقعي بابت سماجي ويب سائيٽس تي بحث ڇڙيل آهي، ڪجهه ماڻهن پاران عورت رپورٽر جي رويي تي به تنقيد ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*