وڏي مراد علي شاهه صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائون وقت سر مڪمل ڪرڻ جو حڪم

Cm-Sindh-Murad-221016

وڏي مراد علي شاهه صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائون وقت سر مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ترقياتي اسيڪمن ۾ ڪابه غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ترقياتي رٿائن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران وڏي وزير  سمورن ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ جاري ترقياتي ڪم وقت سر مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

وڏي وزير چيو ته عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه غفلت برداشت نه ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*