سنڌ حڪومت اينٽي انڪرچمينٽ سيل جي اهلڪارن ۽ ٻين ملازمن جون پگهارون سنڌ پوليس جي برابر ڪري ڇڏيون

Anti-Mehrab-Khoso-221016

سنڌ حڪومت اينٽي انڪرچمينٽ سيل جي اهلڪارن ۽ ٻين ملازمن جون پگهارون سنڌ پوليس جي برابر ڪري ڇڏيون آهن، وڏي وزير جي منظوري بعد ناڻي کاتي پاران  پگهارن ۾ واڌ  وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر محمد نواز سوهو پاران اهلڪارن ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ واري سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي هئي، جنهن جي منظوري بعد ناڻي کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 اهلڪار جي پگهار 13000مان وڌي 27 هزار  ۽ سب انسپيڪٽر  جي پگهار 26هزارن مان وڌي  52 هزار ٿي وئي آهي.

اينٽي انڪروچمينٽ سيل ۾ 2هزار کان وڌيڪ ملازم آهن، جن ۾ 1700اهلڪار، 186سب انسپيڪٽر ، 40 اي ايس آءِ ۽ ٻيا ملازم شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*