حڪومت جي مثبت ڪوششن سبب پٺتي پيل معيشت بهتر ٿي آهي، مخالف ڌرڻا هڻي ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن, ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار

ishaq-dar-210516

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت جي مثبت ڪوششن سبب پٺتي پيل معيشت بهتر ٿي آهي، مخالف ڌرڻا هڻي ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته  قوم ڄاڻي ٿي ته 2013۾ پاڪستان ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، جڏهن ته معاشي بحران جي شرح ڪيتري هئي.

هن چيو ته نواز ليگ حڪومت سنڀالي تي ملڪي ادارن جي ڀينگ ٿيل هئي، 3 سالن دوران پاڪستان جا اڪثر مسئلا حل ٿيڻ جي ويجهو پهتا آهن.

اسحاق ڊار چيو ته نواز حڪومت دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ جو فيصلو ڪيو، امن دشمنن خلاف آپريشنز ۾ اربين رپيا خرچ اچي چڪا آهن.

ملڪي معيشت تي ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب ناڻي جي مٽاسٽا وارا ذخيرا ساڍا 19 ارب ڊالرز تائين پهچي ويا آهن، جيڪا وڏي ڪاميابي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*