خواجه سعد رفيق اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري ڌرڻي بابت ڳالهيون ڪيون ويون

Saad-Khursheed-221016

حڪومت، پي ٽي آءِ جي 2 نومبر تي اسلام آباد بند ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ سياسي پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان رابطو ڪيو آهي.

وزيراعظم نواز شريف پاران پارلياماني پارٽين سان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ميمبر خواجه سعد رفيق اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ جي اسلام آباد واري ڌرڻي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته خواجا سعد رفيق پي ٽي آءِ جي اسلام آباد کي بند ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ پوءِ واري صورتحال تي گڏيل لائحه عمل جوڙڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڪئي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته خورشيد شاهه حڪومتي ڪميٽي سان ملاقات تي راضپو ظاهرڪيو ۽ اڱاري ڏينهن ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*