پي ٽي آءِ 2 نومبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا، شاهه محمود قريشي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد پرويز الاهي سان ملاقات

ShahMahmood--Pervaiz-elahi-221016

پي ٽي آءِ 2 نومبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا، شاهه محمود قريشي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد پرويز الاهي سان ملاقات ڪري کيس احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

عمران خان پاران پارلياماني پارٽيز سان رابطن لاءِ شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفد سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن.

ترجمان موجب، شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي وفد مسلم ليگ قاف جي اڳواڻ پرويز الاهي سان ملاقات ڪري ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته 2نومبر تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هر صورت ۾ هنيو ويندو، ڪرپٽ حڪمرانن جي احتساب لاءِ اپوزيشن جماعتن کي ساٿ ڏيڻ گهرجي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*