امريڪا ۽ برطانيه ۾ سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس جي سرور تي هيڪرز جي حملن سبب ڪيتريون ئي وڏيون ويب سائيٽس بند ٿي ويون

Hacker-Attack-221016

امريڪا ۽ برطانيه ۾ سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس جي سرور تي هيڪرز جي حملن سبب ڪيتريون ئي وڏيون ويب سائيٽس بند ٿي ويون.

هيڪرز امريڪا ۽ برطانيه جي سوشل رابطن وارين ويب سائيٽس جي سرور تي ويب ڪيم ۽ ڊجيٽل رڪارڊر جهڙين عام ڊوائسز سان حملا ڪيا، جنهن ڪري دنيا جون ڪيترين ئي وڏين ويب سائيٽس جا سرور بند ٿي ويا.

ٽوئيٽر، پــَيپــَل اميزون، نيٽ فــِلڪس ۽ ٻيون ويب سائيٽس بند ٿيڻ سبب واهپيدار ڪيترائي ڪلاڪ پريشان رهيا سوشل ويب سائيٽس تي سندن رابطو ڪٽجي ويو.

هيڪرز انٽرنيٽ سان ڳنڍيل لکين ڊوائسز سان امريڪا توڙي برطانيه ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جي ويب سائيٽس سرورز تي حملو ڪيو، جنهن سبب مختلف ويب سائيٽس بند ٿي ويون پر اٽڪل هڪ ڪلاڪ بعد سروس بحال ٿي وئي، امريڪا جي هوملينڊ سڪيورٽي جو چوڻ آهي ته سائبر حملن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*