عراقي فورسز برطيلا جي ڀرپاسي جي وڌيڪ علائقن جو قبضو حاصل ڪرڻ بعد موصل شهر جي ويجهو پهچي ويون

Iraq-Attacks-221016

عراقي فورسز برطيلا جي ڀرپاسي جي وڌيڪ علائقن جو قبضو حاصل ڪرڻ بعد موصل شهر جي ويجهو پهچي ويون آهن، گڏيل قومن چيو آهي ته عراق ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 سئو ڪٽنبن کي جبري طور تي موصل نيو ويو آهي ۽ دهشتگرد تنظيم داعش انهن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رهي آهي.

عراقي فورسز آسريان ڪرسچن ڳوٺ ۽ بطنايا جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ ويڙهه ۾ رڌل آهي، هي علائقا موصل جي ويجهو آهي، اهي علائقا فتح ٿيڻ بعد عراقي فورسز موصل جي بلڪل ويجهو پهچي وينديون

ٻئي پاسي گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس جي دعويٰ ڪئي آهي ته داعش جي ويڙهاڪن 2 سئو ڪٽنبن کي هڪ ويجهي ڳوٺ کان پيادل موصل روانو ڪيو ۽ هاڻي انهن کي انساني ڍال بڻايو ويو آهي.

گڏيل قومن موجب انهن اطلاعن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته داعش جي دهشتگردن هڪ ڳوٺ ۾ 40 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

موصل تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ عراقي فورسز جي ڪارروائي جي جواب ۾ داعش جي دهشتگردن جمعي تي ڪرڪوڪ شهر جي سرڪاري عمارتن تي حملو ڪري 6 پوليس اهلڪارن ۽ 16 عام شهرين کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جوابي ڪارروائي ۾ داعش جا 12 دهشتگرد به مارجي ويا هئا.

برطيلا تان داعش جو قبضو ختم ٿيڻ بعد اتي رهندڙ عيسائي ٻيهر موٽي آيا آهن ۽ شهر جي چرچ جا گهنڊ وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*