افريقي ملڪ ڪيمرون ۾ ريل گاڏي پٽڙي تان لهي وڃن سبب گهٽ ۾ گهٽ 53 ماڻهو فوت ٿي ويا،3 سئو ڄڻا زخمي ٿي پيا

Cameroon-train-crash-221016

افريقي ملڪ ڪيمرون ۾ ريل گاڏي پٽڙي تان لهي وڃن سبب گهٽ ۾ گهٽ 53 ماڻهو فوت ٿي ويا،3 سئو ڄڻا زخمي ٿي پيا، 6 سئو مسافرن جي گنجائش واري ٽرين ۾ 13 سئو ماڻهو سوار هئا.

ڪيمرون جي ٻن وڏن شهرن يانڊَي ۽ ڊولا جي وچ ۾ هلندڙ ٽرين ايسيڪا جي علائقي ۾ پٽڙي تان لهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ 53 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ٽرانسپورٽ واري وزير ايڊگارڊ الين مــَيبـــَي موجب ٽرين حادثي م 3 سئو ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته ٽرين جون 10 بوگيون ڪلٽي ٿي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو بوکين هيٺان دٻيل آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ ڪيترن جا هٿ پير ڪپجي ويا آهن.

ڪيمرون ۾ تيز برساتن ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب يانڊَي ۽ ڊولا شهرن جي وچ وارو روڊ ٽٽي ويو آهي، جنهنڪري ماڻهو بسن بدران ٽرين ۾ سفر ڪري رهيا هئا، رش سبب حڪومت ٽرين ۾ 8 بوگيون وڌيڪ لڳايون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*